ملائيشا اسان کي ٻڌڻ بنا فيصلو ڪيو ۽ جهاز قبضي ۾ وٺي ڇڏيو: غلام سرور خان

راولپنڊي: هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ملائيشيا اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڪيو ۽ جهاز پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام سرور خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي بيانيي سان اختلاف ڪندي ن ليگ جا ڪارڪن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. هن چيو آهي ته چوڌري نثار پنهنجي تڪ جي لاءِ حلف نه کڻي عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيو آهي، هن کي اسيمبلي ۾ وڃڻ گهرجي ۽ نٿو وڃي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جيڪو ڪم چوڌري نثار پنهنجي تڪ ۾ 35 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اسان 35 مهينا اڳ ڪري ڏيکاري رهيا آهيون. وفاقي وزير پي آءِ اي جو جهاز تحويل ۾ وٺڻ جي حوالي سان چيو ته پي آءِ اي جا 2 جهاز 2015ع ۾ ن ليگ جي حڪومت مهانگي ليز تي ورتا، ان جهازن جي ليز جون ۾ ختم ٿي وئي، ڪورونا جي ڪري بر وقت قسطون ادا نه ڪيون ويون. هن چيو آهي ته تحويل ۾ ورتل جهاز جي حوالي سان برطانيه جي عدالت ۾ اسان جو ڪيس لڳل آهي، پري ملائيشين عدالت ۾ اوچتو ڪيس ڪري اسان جي جهاز کي روڪيو ويو، 22 تاريخ تي برطانيه ۽ 24 تاريخ تي ڪوالالمپور جي عدالت ۾ اسان جا وڪيل پيش ٿيندا، ملائيشا اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڪيو ۽ جهاز پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔