سنڌ حڪومت ڪورونا وئڪسين پرڏيهه مان گهرائڻ لاءِ وفاق کان اجازت گهُري ورتي

ڪراچي: سنڌ حڪومت 18 جنوري کان تعليمي ادارا کولڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪندي ڪورونا وئڪسين پرڏيهه مان گهرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان اجازت گهُري ورتي. ڪراچي ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ناصر حسين شاهه ۽ ڊاڪٽر اقبال چوڌري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بدقسمتي سان لڳي رهيو آهي پاڪستان دنيا جو آخري ملڪ هوندو،جنهن وٽ سڀ کان آخر ۾ ڪورونا وئڪسين پهچندي. هن چيو آهي ته وفاقي حڪومت اجازت ڏئي ته سنڌ حڪومت پاڻمرادو پرڏيهه مان وئڪسين گهرائي وٺي. صوبائي وزيرن 18 جنوري کان تعليمي ادارا کولڻ جي مخالف ڪندي چيو ته ڪورونا جي موجوده صورتحال ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تعليمي ادارا بلڪل نه کلڻ گهرجن. هنن چيو آهي ته جهڙي طرح ڪورونا جي ٽيسٽ سنڌ حڪومت مفت ڪئي اهڙي طرح ويڪسين به مفت لڳائي ويندي، پر ويڪسين لڳڻ بعد ماسڪ پائڻو پوندو. هنن چيو آهي ته پوري صوبي جي لاءِ ڪورونا ويڪسين نٿا گهرائي سگهون، هر مهيني ٿورو ٿورو خرچ ڪري گهرايو ويندو، ويڪسين نجي شعبي کان به خريد ڪري ماڻهن کي مفت لڳائڻ جي حوالي سان وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هنن چيو آهي ته وفاقي حڪومت سان ويڪسين جي حصول لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ٿيون آهن، وفاق سان ڳالهه ٿي ته ويڪسين ڪٿان کان، ڪهڙي مينو فيڪچر سان ۽ ڪڏهن گهرائي ويندي ۽ ڪيتري ٽائيم فريم ۾ ويڪسين ايندي. هنن چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا ويڪسين جي لاءِ ٽن اسپتالن جي ڊائريڪٽرز کي خط لکيو آهي پر اسان سان رابطو ناهي ڪيو ويو. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته هن وقت ڪورونا ويڪسين لڳائڻ تمام ضروري آهي، ويڪسينيشن ٻاهرين ملڪن ۾ شورع ٿي چڪي آهي، چاهيون ٿا ته اسان پهريون ڪيون ۽ جلد کان جلد ويڪسينيشن مهم شورع ڪيون پر پڳي ٿو ته اسان آخري ملڪ هونداسين جنهن وٽ ڪورونا جي ويڪسين ايندي ۽ سنڌ ۾ ڪورونا جي ويڪسين سڀ کان پهرين فرنٽ لائن ورڪرز کي لڳائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔