گلوڪار رض احمد ناول نگار فاطمه فرحين سان خاموشي سان شادي ڪري ڇڏي

لنڊن: پاڪستاني ڄائي برطانوي اداڪار ۽ گلوڪار رضوان احمد عرف رض احمد ناولسٽ فاطمه فرحين مرزا سان خاموشي سان شادي جو اعتراف ڪري ورتو آهي.برطانوي اداڪار هلندڙ هفتي پوڊ ڪاسٽ شو ۾ ڳالهين جي دوران شادي شده هجڻ بابت انڪشاف ڪيو. رض احمد موجب هن هاڻ تازو ئي شادي ڪئي آهي ۽ اڃڪلهه ڪيليفورنيا ۾ ۾ آهي. ڇو ته ان جي گهر واري جي فيملي جو تعلق هتان کان آهي. برطانوي اداڪار جو چوڻ هو ته هي پهريون موقعو آهي جڏهن مون ڪنهن انٽرويو ۾ پنهنجي شادي جو ذڪر ڪيو آهي.رض احمد موجب ڪورونا وائرس جي امڪاني پکيڙ کان بچاءُ جي لاءِ لڳل لاڪ ڊائون جي دوران شادي ڪئي. شادي جي تقريب کي مختصر رکيو ويو ۽ سمورين ايس او پيز کي فالو ڪيو ويو. ٻئي طرف هڪ ٻئي شو ۾ پاڪستاني ڄائي برطانوي اداڪار رض احمد جو چوڻ هو ته هن هڪ ڪيفي ۾ ملاقات کان پوءِ مشهور مصنف فاطمه فرحين مرزا سان ڳجهي طور تي شادي ڪئي.هن چيو ته منهنجي گهر واري هڪ بهترين ناول نگار آهي جن سان منهنجي ملاقات هڪ ڪيفي ۾ وڏي ماڊرن انداز ۾ ان وقت ٿي جڏهن ميوزيڪل ٽريجڊي فلم سائونڊ آف ميئل جي تياري جي سلسلي ۾ نيويارڪ ۾ هئس. رض احمد جو چوڻ آهي ته اسان ٻنهي هڪ ڪيفي ۾ هڪ ئي ميز تي لکڻ جي لاءِ ويٺا هئاسين ميز تي ليپ ٽاپ پلڪ پوائنٽ هڪ ئي هجڻ تي اسان جي وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي جنهن کان پوءِ دوستي ۽ ويجهڙائي ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔