ڏکڻ آفريقا خلاف هوم سيريز لاءِ 20 رڪني قومي ٽيم جو اعلان

لاهور: ڏکڻ آفريقا جي خلاف سيريز لاءِ 20 رڪني قومي اڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ آفريقا جي خلاف هوم سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان چيف سليڪٽر محمد وسيم ڪيو ۽ ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته خوشي آهي ته هڪ وڏي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريقا جي خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيم مان شاداب خان ۽ نسيم شاهه کي فٽنس مسئلن جي ڪري ڊراپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته شان مسعود، حارث سهيل ۽ محمد عباس کي اسڪواڊ جو حصو ناهي بڻايو ويو.
سندس چوڻ هو ته سهيل خان پلان جو حصو آهي پر هن وقت ٽيم ۾ هن جي جاءِ نه پئي بڻجي جڏهن ته فاسٽ بالر حسن علي سٺو ڪم بيڪ ڪيو ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري ان ڪري هن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته سعود شڪيل هر ليول تي پرفارمنس ڏئي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

قومي اسڪواڊ:
قومي ٽيم جي قيادت بابر اعظم ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگر ۾ محمد رضوان، عابد علي، عمران بٽ، اظهر علي، فواد عالم، سرفراز احمد، فهيم اشرف، ياسر شاهه، شاهين شاهه آفريدي، عبدالله شفيق، آغا سليمان، سعود شڪيل، ڪامران غلام، ساجد خان، تابش خان، حارث رئوف، ايم نواز، نعمان علي ۽ حسن علي شامل آهن.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جو آغاز 26 جنوري کان ڪراچي ۾ ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔