وزيراعظم جي هدايت تي ڪارروايون، 609 پيٽرول پمپس سيل

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي سموري ملڪ ۾ 609 پيٽرول پمپس مالڪن خلاف ڪارروائي ڪندي پيٽرول پمپس سيل ڪيا ويا آهن. وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب اختيارين پيٽرول پمپس تان 45 لک ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل قبضي ۾ ورتو ويو آهي. وزير اعظم هائوس مطابق پيٽرول پمپس جي مالڪن کي 7 ڏينهن جي اندر اصل دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزير اعظم هائوس مطابق جيڪڏهن ڄاڻايل تاريخ تائين دستاويز نه جمع ڪرايا ويا ته ڪسٽمز ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهو به چيو ويو ته پيٽرول جي اسمگلنگ خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔