ڏکڻ آفريقا خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين: بابر اعظم

لاهور : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ ۾ خراب ڪارڪردگي تي ڏُک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ سيريز ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي تنقيد ڪرڻ صحيح ناهي.
نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر لاهور ۾ ٽريننگ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته انجري سبب ٻاهر ويهڻ سان تڪليف ٿي، مڪمل ٺيڪ ٿي پريڪٽس شروع ڪئي آهي، ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز لاءِ مڪمل طور تيار آهيان، خوشي آهي ته ڏکڻ آفريقي ٽيم وڏي وقت کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي.
هن چيو ته ڏکڻ آفريقا خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مهمان ٽيم سٺي آهي ۽ ان خلاف ڪاميابي اهم هوندي، منهنجي نئين چيف سليڪٽر سان ڪا ملاقات ناهي ٿي، ٽيم جي حوالي سان حالتون ڏسي فيصلو ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته محمد حفيظ سينيئر رانديگر آهي، ان کان سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، پاڪستان ۾ ڏاڍو ٽئلينٽ آهي، عبدالله مون کي پسند آهي، هن ۾ وڏو رانديگر بڻجڻ جي صلاحيت آهي، نوجوان رانديگر جيتريون عالمي ميچون کيڏندا کين فائدو ٿيندو.
محمد عامر جي رٽائرمينٽ بابت بابر اعظم چيو ته هن جي ڪارڪردگي سٺي نه هئي، تنهن ڪري ڊراپ ٿيو، پرفارم ڪندو ته سليڪٽر ضرور سوچيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔