پاناما پيپراشرافيه کي وائکوڪيو، براڊ شيٽ سبب امير حڪمرانن جي مني لانڊرنگ ظاهر ٿي :وزيراعظم عمران خان

ڪراچي : وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاناما پيپرز پاڪستان جي اشرافيه کي وائکو ڪيو، براڊ شيٽ سبب امير حڪمرانن جي مني لانڊرنگ ظاهر ٿي آهي، واضح ٿي ويو ته اشرافيه غيرقانوني اثاثا ٺاهي مني لانڊرنگ ڪئي. وزير اعظم ٽوئٽ بيان ۾ چيو ته  اشرافيه اين آر او لاءِ حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم اڄ لورا لائي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔