ڀارتي سپريم ڪورٽ تڪراري زرعي سڌارن تي عمل روڪرائي ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارتي سپريم ڪورٽ زراعت جي شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ جي مقصد سان منظور ڪيل قانونن تي عمل روڪرائي ڇڏيو.
گڏوگڏ عدالت سراپا احتجاج آبادگارن سان ڳالهين لاءِ هڪ آزاد ڪميٽي قائم ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا.
هڪ ڏينهن اڳ عدالت عظميٰ ۾ آبادگارن طرفان داخل ڪيل پٽيشنز ٻڌيون ويون هيون ۽ عدالت ان نتيجي تي پهتي ته قانونن کي سلهاڙيل ماڻهن سان صلاح مشوري بنا منظور ڪيو ويو ۽ اختلافن جي حل لاءِ حڪومت ۽ آبادگارن ۾ ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي نه پئي ٿئي.
واضح رهي ته نئين دهلي حڪومت طرفان سڌارا منظور ڪرڻ جي ردعمل ۾ گذريل 45 ڏينهن کان آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ هنن نئين دهلي ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔