اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جي طبيعت جي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباده هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي.

عدالت رپورٽ طلب ڪندي شڪي ٽرانزيڪيشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر جي عبوري ضمانت ۾ 28  جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا ته منهنجو موڪل ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ عدالت کيس 2 ڪيسن ۾ طبي بنيادن تي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.

هن عدالت کي آگاهي ڏني ته ٻئي فيصلا هڪ ئي ڏينهن ڪيا آهن جيڪي رڪارڊ تي موجود آهن. ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان ميڊيڪل بورڊ ٺاهي ٿا ڇڏيون ۽ ان جي رپورٽ جو انتظار ڪريون ٿا پر هن اهو به پڇاڻو ڪيو ته اڳوڻي صدر کي بيماري ڪهڙي آهي.؟جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته منهنجي موڪل پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي دل، چيلهه جي تڪليف ۽ شوگر جي بيماري آهي. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت ڪنهن به سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ جوڙي.

ان تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اوهان به ٻڌائي ڇڏيو، سڀاڻي نيب جو بورڊ تي اعتراض نه اچي وڃي ٻيهر اهي ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن جيڪي اڳ واري بورڊ جي رپورٽ تي ٿي رهيون آهن. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالت دل جي اسپتال اين آءِ سي ڊي جي ميڊيڪل ڊائريڪٽر کي بورڊ جو سربراهه بنائي ڇڏي. عدالت آصف علي زرداري جي هڪ ڏينهن جي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔