خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان ئي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي. خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان ئي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اها ڳالهه افغان حزب وحدت اسلامي جي چيئرمين محمد ڪريم خليلي سان ملاقات جي موقعي تي ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چيئرمين افغان حزب وحدت اسلامي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ افغان امن عمل ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا معاملا غور هيٺ آيا، ڪريم خليلي پاڪ افغان لاڳاپن جي حوالي سان آرمي چيف جي ويزن کي ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔