سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايسوسيئيٽ بي ايس ڊگري کي شاگردن سان فراڊ قرارڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايسوسيئيٽ بي ايس ڊگري کي شاگردن سان فراڊ قرار ڏئي ڇڏيو، ڪاليجز ۾ ڊگري فراڊ هئڻ بابت اشتهار لڳائڻ جو حڪم، تعليم کاتي ۾ استادن جَي ڀرتين ۽ تعليم سڌارن واري ڪيس ۾ عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هفتي اندر ڪاليجز ۾ اشتهار نه لڳيا ويا ته سيڪريٽري ڪاليجز خلاف توهين عدالت جِي ڪارروائي ڪئي ويندي، ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري ڪاليجز کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو به حڪم، عدالت ريمارڪس ڏنا ته بي ايس ڊگري لاءِ جن هزارين شاگردن داخلا ورتي، انهن جَي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟، کين تعليم کاتي ۾ به نوڪري نه ملندي، عدالت جو سنڌ حڪومت ٻارڙن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔