داعش لاءِ ڪراچي مان فنڊنگ جو انڪشاف،اين اِي ڊي جو شاگرد گرفتار

ڪراچي: دهشتگرد تنظيم داعش لاءِ ڪراچي مان فنڊنگ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب ڪائونٽر ٽيررزم ڊيپارٽمينٽ فارنزڪ رپورٽ کانپوءِ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

عمربن خالد کي ڊسمبر 2020 ۾ طارق روڊ تان گرفتار ڪيو ويو ۽ جوابدار خلاف ثبوت نه هئڻ تي ان کي ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪيو ويو هو.

جوابدار عمر بن خالد جي قبضي مان موبائل فونز وٺي فارنزڪ لاءِ موڪليا ويا ته ڊيجيٽل فارنزڪ رپورٽ ۾ جوابدار۽ ان جي ساٿين خلاف شاهديون مليون  جنهن تي جوابدار جي ساٿي جنيد ، ضيا ۽ اويس کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو.

جوابدار شام ۽ پاڪستان ۾ موجود داعش جي دهشتگردن ۽ انهن جي خاندانن سان رابطي ۾ هئا ۽ مختلف ذريعن کان داعش جي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن.

ان فنڊنگ  کي شام ۽ امڪاني طور تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ استعمال ڪيو ٿي ويو، عمر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي به جلد گرفتارڪيو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔