ماڻهو گم ٿيڻ حڪومت جي نااهلي ۽ رياست جي ناڪامي آهي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهو گم ٿيڻ حڪومت جي نااهلي ۽ رياست جي ناڪامي آهي، سموريون  سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شهري عمر عبدالله جي بازيابي جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته مغوي بازياب نه ٿيو ته لاڳاپيل آفيسر تياري ڪري اچن، کين جيل موڪليندس، اڳوڻي کانپوءِ هاڻوڪي آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري خلاف به ڪارروائي ٿيندي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ماڻهو گم ٿيڻ حڪومت جي نااهلي ۽ رياست جي ناڪامي آهي، 6-6 سالن کان توهان ماڻهن کي کنيو آهي، رياست کي ئي جواب ڏيڻو آهي، ٻئي ملڪ کان ڪير جواب ڏيڻ نه ايندو، عدالت چيو ته اسلام آباد پوليس رڳو ننڍا ڏوهه روڪي سگهي ٿي، ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ان جي وس جي ڳالهه ناهي، سموريون سيڪيورٽي ايجنسيون شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، عدالت ان وقت جي بچاءَ، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري ڪندي 19 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔