عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ شامل نه ڪري: محمد علي دراني

ڪراچي: فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ  محمد علي دراني چيو آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ شامل نه ڪري ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به گهرجي ته سياست ۾ نه اچي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جمهوريت پسند آهي، هن وقت جو ڪاوڙيل آهي، ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي ڪڏهن به ناهي رڪجندي، اسٽيبلشمينٽ جي اها خواهش هجڻ گهرجي ته ان کي سياست ۾ نه آندو وڃي. هن چيو ته ڊائلاگ عوام يج خواهش آهي، احتساب جي عمل ۾ سزا ضرور ملڻ گهرجي، جيستائين ڪنهن کي سزا نه ٿي ملي ڪنهن کي چور نه ٿا چئي سگهو. ڊائلاگ لاءِ ماحول حڪومت کي ٺاهڻو آهي. عمران جي اين آر او نه ڏيڻ واري ڳالهه جي گهرج آهي ته ماڻهن کي سزائون ڏياريون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔