گڊو-شڪارپور گرڊ اسٽيشنز ٽرپ ٿيڻ سبب ملڪ ۾ بجلي جو بليڪ آئوٽ ٿيو: نيشنل پاورڪنٽرول سينٽر

اسلام آباد : گڊو-شڪارپور گرڊ اسٽيشنز ٽرپ ٿيڻ سبب ملڪ ۾ بجلي جو بليڪ آئوٽ ٿيو: نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر ملڪ ۾ بليڪ آئوٽ بابت پاور ڊويزن کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب 9 جنوري تي رات 11 لڳي 41 منٽن تي گڊو-شڪارپور سرڪٽ ٽرپ ٿيا، جنهن بعد گڊو-مظفر ڳڙهه ۽ گڊو ڊي جي خان ٽرانسميشن لائينز به ٽرپ ٿي ويون، ملڪ ۾ بليڪ آئوٽ بعد گڊو گرڊ اسٽيشن جي مينجر سميت ٻئي عملي کي معطل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي،  9 جنوري تي بليڪ آئوٽ سبب سڄي ملڪ ۾ تقريبن 20 ڪلاڪ بجلي فراهمي معطل رهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔