خواجه سعد خلاف مهانگا انجڻ خريد ڪرڻ جي جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق لاءِ قومي احتساب بيورو مان سٺي خبر اها سامهون آئي آهي ته نيب ان جي خلاف لوڪوموٽيو مهانگي اگهن تي خريد ڪرڻ جي جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

جاچ ٽيم انڪوائري بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي ۽ ڊي جي نيب لاهور ٽيم جي رپورٽ نيب چيئرمين ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي جيڪو جاچ بند ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏيندو. نيب ذريعن موجب خواجه سعد سميت ٻين جوابدارن تي 4 هزار کان  4500 هارس پاور جا انجڻ مهانگي اگهن تي خريد ڪرڻ جا الزام هئا. سعد رفيق جي خلاف شڪايت ڪندڙ جو موقف هو ته پاڪستان ريلوي کي 20 کان وڌيڪ لوڪوموٽيو جي ضرورت نه هئي.

خواجه  سعد رفيق ضرورت کان وڌيڪ لوڪو موٽيو خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد ڪڪ بيڪس حاصل ڪرڻ هو. جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي  آهي ته جنهن ڪمپني کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو اها ميرٽ تي سمورن قوانين کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڏنو ويو.

اڄ احتساب عدالت ۾ خواجه سعد  کان انڪوائري بند ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن لاعلمي جو اظهار ڪندي جواب ڏنو ته مون کي نه الزام جي خبر آهي ۽ نه ئي فائڊنگ جي. مون کي لوکوموٽيو ڪيس بابت ڪابه خبر نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔