مونيڪا لاڙڪ قتل ڪيس جي گهڻ رخي جاچ جاري، 3 شڪي گرفتار

خيرپور: معصوم مونيڪا کي وحشت جو نشانو بڻائڻ بعد بيدردي سان قتل ڪندڙ ڪير؟ پيرڳوٺ پوليس پاران مونيڪا لاڙڪ ڪيس گهڻ رُخي جاچ جاري، شڪ جَي بنياد تي گرفتار 6 ڄڻن جا ڊي اين اي لاءِ جُزا ورتا ويا: شڪ جَي بُنياد تي گرفتار ٿيل عورت جو مڙس ابراهيم عرف لال بخش شيخ پوليس آڏو پاڻمرادو پيش، پيرڳوٺ ٿاڻي تي نينگري جي والد جي فرياد تي ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف زيادتي ۽ قتل جو ڪيس داخل، واقعي جي جاچ ۾ رنڊڪ بڻجڻ جي الزام هيٺ 2 پوليس اهلڪار ڪوارٽر گارڊ: پوليس ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ڄامشورو ليبارٽري اُماڻي ڇڏيا، 9 جنوري تي گُم ٿيل نينگري مونيڪا لاڙڪ جو لاش گذريل ڏينهن پيرڳوٺ ڀرسان ڪيلن جي باغ مان هٿ آيو هو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔