مانسهره ۾ گيس ليڪيج ٿيڻ ڪري هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

مانسهره: لاري اڊه پانو روڊ تي واقع هڪ گهر ۾ گيس ليڪيج ٿيڻ سبب مڙس، زال ۽ ان جي ٽن ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس موجب گيس ليڪيج جو واقعو مانسهره جي علائقي پانو روڊ تي پيش آيو آهي جتي هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا ساهه ٻوساتجڻ سبب فوت ٿي ويا آهن.

پوليس ٻڌايو آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ ماءُ، پٽ ان جي زال ۽ 3 ٻارڙا شامل آهن. پوليس جو چون آهي ته شروعاتي جاچ مان لڳي ٿو ته گهر وارا رات جو گيس هيٽر هلائي بند ڪرڻ وساري ويٺا هئا.

پوليس موجب لاشن کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ ڪنگ عبدالله اسپتال پهچايو ويو آهي جڏهن ته واقعي جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔