اين آءِ سي وي ڊي ۾ 30 کان وڌيڪ آفيسرز جي غيرقانوني طورمقرري جو انڪشاف

ڪراچي : اين آءِ سي وي ڊي ۾ 30 کان وڌيڪ آفيسرز جي غيرقانوني طور مقرري جو انڪشاف ٿيو آهي ، نيب اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينا غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، نيب جي جواب ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا، صحت کاتو اين آءِ اي سي وي ڊي جو رڪارڊ نه ٿو ڏئي، ڊاڪٽر نديم ۽ ٻين انتظامي عملدارن هوٽل ۽ گاڏين جي ڪرائي سوڌو ٻي مد ۾ ڪيترائي پئسا خرچ ڪيا، ڊاڪٽر نديم طرفان نيب مٿان لڳايل الزامن جي ترديد ڪئي وئي، جواب ۾ نيب طرفان اين آءِ سي وي ڊي جي ڊاڪٽر نديم مٿان عدالت ۾ حقيقتون لڪائڻ جو الزام هنيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔