ٿر ۾ معصوم ٻارن تان موت ٽارو نه ڪيو، وڌيڪ 3 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي فوت

مٺي: سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 3 معصوم ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويٺا.

صحت کاتي ٿرپارڪر موجب فوت ٿي ويل ٻارڙن جون عمرون 3 مهينا، 2 مهينا ۽ هڪ تازو ڄاول معصوم ٻار آهي جڏهن ته ٻارن جو تعلق ڏوراهين علائقن سان آهي.

صحت کاتي موجب هلندڙ سال فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ 6 ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل سال 776 گلن جهڙا ٻارڙا موت جي منهن ۾ هليا ويا هئا.

ياد رهي ته ٿر جي اسپتالن ۾ 50 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا هن وقت به علاج هيٺ آهن. جڏهن ته هر سال سوين ٻارن جي فوتگين باوجود سنڌ سرڪار سول اسپتال مٺي سميت ضلعي جي اسپتالن ۾ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به سنجيده قدم نه کڻي سگهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔