بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي واري شهر سيراڻي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ

بدين : بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي واري شهر سيراڻي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڀڳڙا ميمڻ، احمد راڄو، گرهيڙي، شيخاڻي گهاڙي، لاکو پير، بخشو ديرو، دودو سومرو، ڪاڏي قاضيا، شيخ ڪرهيو ڀانڊاري، ولاسو، پير فتح شاھ، قاضيا واھ ۽ ٻهڊميءَ کي سيراب ڪندڙ ميرواھ شاخ، گنج بحر، نورواھ، سومرا شاخ، قاضيا واھ اولڊ، مور مائينر، مور هڏي ۽ ٻين واهن ۽ شاخن پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. واهن ۽ شاخن ۾ پاڻيءَ بدران واري اڏامي رهي آهي. چيٽ جا فصل ڪڻڪ، سورج مکي، مرچ، ٽماٽا، توريو، برسيم، سرنهن ۽ ٻيا فصل پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب سُڪي سڙي رهيا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪمند جي نئين فصل جي پوکائي به نه ٿي سگهي آهي. علائقي  جي آبادگارن ۾ حاجي انور علي چاوڙو، ياسين، مزمل، حنيف لنڊ ۽ ٻين ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته واهن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب چيٽ جا فصل تباھ ٿي ويا آهن. هنن آبپاشي عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته بدين جي سامونڊي پٽيءَ جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي فراهم ڪري زراعت کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔