پي ڊي ايم اڄ بنون ۾ طاقت جو مظاهرو ڪندي

پشاور: پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ طرفان اڄ بنون ۾ جلسو ٿيندو جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

اسپورٽس ڪامليڪس ۾ اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي ۽ پنڊال ۾ ڪرسيون به لڳي چڪيون آهن. پندال ۾ سياسي پارٽين جا بنيز ۽ جهنڊا به لڳايا ويا آهن.

پي ڊي ايم جي صوبائي قيادت جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو آهي. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄ بنون ۾ سڀني کان وڏو اجتماع ٿيندو.

سينيٽ اليڪشن بابت فيصلا اهم آهن. هن چيو ته ملتان ۽ لاهور ۾ اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. حڪومت پي ڊي ايم مظاهرن کي نٿي روڪي سگهي. جنوري جو پورو مهينو باقي آهي.  آئنده جو لائحه عمل طئي ڪنداسين.

مولانا فضل الرحمان چيوته آئين ۽ قانون جي دائري ۾ حڪمت عملي تي ڌيان آهي. هي جعلي اسيمبلي آهي  ووٽ قوم جي امانت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔