عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. 73 سالن کان ڀارتي جبر برداشت ڪندڙن جي جدوجهد تعريف جوڳي آهي. عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي.

وزيراعظم عمران خان سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته 5 جنوري 1949ع  تي گڏيل قومن جمون ۽ ڪشمير جي عوام کي سندن حق ڏيارڻ جي ضمانت ڏني.  هن ڏينهن قومن ۽ ميمبر ملڪن کي ڪشميرين سان ڪيل واعدو ياد ڏياريون ٿا. ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي چارٽرڊ تحت حق ڏيارڻ جي مطالبي تي بيٺل آهيون.

عمران خان چيو ته 73 سالن کان ڪشميري ڀارت جي وحشياڻي قبضي کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪشميري ڀارتي ظلم ۽ غيرقانوني قبضي کان آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪشميرين جي  آزادي واري جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي.

ڀارتي قابض فوج ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن تي ظلم برداشت ڪري رهي آهي. ڪشميرين کي حق ڏيارڻ جو حق گڏيل قومن جي منشور ۽ سلامتي ڪائونسل ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔