مٺڙائو ڪئنال ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو ،آبادگارن جون دانهون

سکر: سکرکان نارا ڪئنال جي سالياني وارابندي 2021-01-06 رات جو ٻارنهن وڳي جو شيڊول جاري ڪرڻ بعد مٺڙائو ڪئنال ۾هڪ هفتو  اڳ ئي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. نئون ڪوٽ  سب ڊويزن جي دڙيلو موري وٽ پاڻي جو گيج گهٽجي ويو، جنهن ڪري نئون ڪوٽ سب ڊويزن ۾ شيڊول تحت کليل فضل شاخ ۽ اڪوٽو شاخ، شير شاخ، ڀان شاخ بيهي رهيون آهن. اچانڪ پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ سبب متاثر آبادگارن جا لاهه نڪري ويا ۽ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ، توريون، ڪمند، سورج مکي، اسپنگر جو فصل سالياني بندي جو آخري پاڻي نه ملڻ سبب سوڪهڙي جو شڪار ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو. شاخن جي ٽيل ۾ آباد  ڳوٺن توڙي لاڳاپيل علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي به اسٽاڪ ٿي نه سگهيو. ان حوالي سان متاثر آبادگارن حاجي سلطان ٽنگڙي، عارب ڀيل، ممتاز جوڻيجو ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي 15 هون پاڻي به پورو  ناهي ملي سگهيو، حصي جو مليل پاڻي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال  ۽ آبپاشي انجنيئر پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري لکين رپين جي رشوت عيوض مٿين سب ڊويزنن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري ڌڙيلو وٽ هڪدم پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. اسان سنڌ حڪومت، چيف جسٽس ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ٿا ڪريون ته نااهل عملدارن خلاف قدم کڻي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي آبپاشي ايس ڊي شاڪر ميمڻ  ٻڌايو  ته سالياني وارا بندي جي ڪري پاڻي ۾ لاٿ اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔