ڪورونا وبا: وڌيڪ 1800 کان مٿي ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ، 39 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: سڄي ملڪ  ۾ وڌيڪ هڪ هزار 895 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي  جڏهن ته 39 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران گڏيل طور تي 30 هزار 139 ڪورونا 19 جا ٽيسٽ ڪيا ويا. اهڙي طرح هن وبا جي سڃاڻپ جي لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽن جو انگ 68 لک 49 هزار 867 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ هزار 895 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو ٽوٽل انگ 4 لک 88 هزار 529 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.92 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ هينئر تائين 2 لک 18 هزار 597 ڄڻن ۾ ڪورونا جا گڏيل ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

پنجاب ۾ هڪ لک 40 هزار 714، خيبرپختونخواهه ۾ 59 هزار 484، اسلام آباد ۾ 38 هزار 263، بلوچستان ۾ 18 هزار 247، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 357 ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جو انگ 4 هزار 867 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ هڪ هزار 797 ڄڻن ڪورونا کي شڪست ڏني آهي جنهن کان پوءِ هن وبا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 42 هزار 457 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 39 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 10 هزار 350 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ سڀني کان وڌيڪ آهي پر هن وبا سبب سڀني کان وڌيڪ جاني نقصان پنجاب ۾ ٿيو آهي. جتي 4 هزار 124 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 3 هزار 611، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 675، اسلام آباد ۾ 428، گلگت بلتستان ۾ 101، بلوچستان ۾ 185 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 226 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

اين سي او سي موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزار 722 آهي جن مان 2 هزار 242 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔