اسڪول ڪڏهن کلندا ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ ڏکيوآهي: سعيدغني

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسڪولز ڪڏهن کلندا ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ مشڪل آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته 25 جنوري کان پرائمري اسڪولز کولڻ جي تجويز آئي آهي جڏهن ته سيڪنڊري اسڪولز فيبروري جي پهرين هفتي ۾ کولڻ جي تجويز آئي آهي جنهن بعد وڏيون ڪلاسز کولڻ جي تجويز موڪلي وئي آهي، جڏهن ته 19 جنوري تي اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو آهي ته تجويز ۾ ٽن مرحلن ۾ اسڪول کولڻ جي ڳالهه ٿي آهي، اسڪولز کولڻ جو فيصلو اين سي او سي هيلٿ کاتي جو ڊيٽا ڏسي ڪري ڪرڻو آهي. سعيد غني چيو آهي ته اسڪول ڪڏهن کلندا هي هاڻي چوڻ مشڪل آهي، پر ايس او پيز تي عملدرآمد ٿي رهيو هجي ها ته لاڪ ڊائون جي ضرورت ئي نه پوي ها، لاڪ ڊائون جو فيصلو هجي ته پوري ملڪ ۾ ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ سياري جي موڪلن کانپوءِ اسڪولز کولڻ يا بند رکڻ جي حوالي سان اڄ بين الصوبائي تعليم ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔