سنڌ جون سموريون سي اين جي اسٽيشنون 3 ڏينهن جي لاءِ بند

ڪراچي: سنڌ صوبي جون سموريون سي اين جي اسٽيشنون صبح اٺ وڳي کان ٻيهر ٽن ڏينهن جي لاءِ بند ڪيون ويون آهن.

آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن موجب سڄي سنڌ جون سموريون سي اين جي اسٽيشنون ايس ايس جي سي جي نوٽيفڪيشن موجب تاريخ 04 جنوري سومر جي صبح 8 وڳي کان 7  جنوري خميس جي صبح 8 وڳي تائين لاڳيتو 72 ڪلاڪن جي لاءِ بند رهنديون.

واضح رهي ته سڄي صوبي ۾ آر ايل اين جي تي منتقل ٿيندڙ اسٽيشن به بند رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔