نيب خواجه آصف کي راهداري رمانڊ لاءِ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: نيب خواجه آصف کي راهداري رمانڊ لاءِ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عدالت ليگي اڳواڻ کي هڪ ڏينهن لاءِ راهداري ريمانڊ نيب حوالي ڪري ڇڏيو، پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيند خواجا آصف جو چوڻ هو ته اڍائي سالن کان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته نواز شريف کي ڇڏي ڏيو، نواز ليگ کي ٽوڙڻ ۽ نواز شريف کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، خواجا آصف جي پيشي جي موقعي تي ته احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، مريم  اورنگزيب ۽ ٻيا ليگي اڳواڻ به احتساب عدالت پهتا، نيب جي ٽيم آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ خواجه آصف کي گذريل رات گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔