نئين سال جي موقعي تي عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل

اسلام آباد: حڪومت نئين سال جي موقعي تي عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، اوگرا تيل اگهن ۾ 4 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي نتيجي م پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 4 رپين تائين واڌ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن بابت سمري تيار ڪري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.ذريعن موجب اوگرا پاران حڪومت کي 2 مختلف تجويزون ڏنيون ويون آهن، پهرين تجويز ۾ پيٽرول في ليٽر تي 3 رپيا ۽ ڊيزل ساڍا 4 رپيا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.اوگرا پاران ٻي تجويز ۾ پيٽروليم ليوي جي شرح گهٽ ڪري قيمتون برقراررکڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، ان حوالي سان حتمي منظوري وزيراعظم عمران خان ڏيندو ۽ نوان اگهه پهرين جنوري 2021 کان لاڳو هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔