پنڊي جي شيطان ريلوي کي ٽن سالن ۾ 800 ارب جو ٽيڪو لڳايو: راڻا ثناءُ الله

لاهور: مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله بجلي جي مد ۾ ريلوي کي ساليانو اڍائي ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پنڊي جي شيطان ريلوي کي ٽن سالن ۾ 800 ارب جو ٽيڪو لڳايو، جنهن کي ترقي ڏئي گهرو وزير بڻايو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته پٽيوالي ريلوي کي ٻوڙي ڇڏيو،مال به ڪمايو ۽ ترقي به حاصل ڪئي، سندس پنج ئي آڱريون گيهه ۽ ڪڙاهي ۾ آهن.هن چيو ته ريلوي کي پٽيوالي ۽ سندس باس گڏجي ڪري لُٽيو، هاڻي وري ڪميٽي جو ڊرامو رچايو پيو وڃي.راڻا ثناءُ الله مطالبو ڪيو ته قومي ناڻي کي پهتل اڍائي ارب رپين جي نقصان جي اوڳاڙي پٽيوالي ۽ سندس باس کان ٿيڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔