ظالم حڪومت بجلي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي ٻيو جهٽڪو ڏنو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: مسلم ليگ ن جِي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ظالم حڪومت بجلي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي هڪ ٻيو جهٽڪو ڏنو آهي، ايل اين جي مهانگي خريد ڪري عوام جي کيسي تي هڪ ٻيو ڌاڙو هنيو پيو وڃي.جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ظالم، نالائق ۽ ڪرپٽ حڪومت پاران روزانو بجلي، گيس، دوائن ۽ اٽي جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي لٽيو پيو وڃي.هن چيو ته مريم اورنگزيب چيو ته مهانگائي جي نئين قسط اچڻ سبب وزيراعظم اپوزيشن کي ڳالهين جون منٿون ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جنهن اپوزيشن کي چور ڪوٺيندو هو، ان سان ڪيئن ڳالهيون ڪندو؟مريم اورنگزيب چيو ته ايل اين جي مهانگي خريد ڪري عوام جي کيسي تي هڪ ٻيو ڌاڙو هنيو پيو وڃي، حڪومت اڳ ۾ دير سان ايل اين جي جو معاهدو ڪيو، هاڻي مهانگي ترين ايل اين جي خريد ڪئي پئي وڃي.ن ليگ ترجمان وڌيڪ چيو ته عمران صاحب بجلي گيس، ايل اين جي ۾ ڌاڙن کي لڪائڻ لاءِ اپوزيشن کان اين آر او جي خيرات گهري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔