حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ناهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ناهي .

پنهنجي هڪ بيان ۾ سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جو بيانيو متضاد ڳالهين  جو مجموعو آهي، پيپلز پارٽي استيعفائن بابت جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان سان پي ڊي ايم ۾ ڏار پئجي ويا آهن .

هن چيو ته پيپلز پارٽي ۾ فيصلي جو اختيار آصف علي زرداري کي آهي ۽ ان پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اڄ جي يو آءِ ۽ ن ليگ ۾ واضح اختلاف سامهون اچي ويا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي جو انڪار به سامهون اچي ويو آهي . هن چيو ته هاڻي مخالفن جو بيانيو تبديل ٿي ويو آهي اڳ ۾ هو استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي استعيفيٰ وٺڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ، پر وزيراعظم عمران خان انهن جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔