آءِ جِي سنڌ جَي مبينا اغوا بابت جاچ رپورٽ پڌري نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ سرڪار آءِ جِي سنڌ جَي مبينا اغوا ۽ ريٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جِي گرفتاري بابت جاچ رپورٽ پڌري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. آءِ جِي سنڌ جَي مبينا اغوا ۽ ريٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جِي گرفتاري بابت وزارتي ڪميٽي جي جاچ رپورٽ سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ ايم پي ايز ريٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جِي گرفتاري ۽ ڪوڙِي ايف آءِ آر لاءِ پوليس تي دٻاءُ وڌو، سندن دٻاءُ تي ئي ريٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي هوٽل مان گرفتار ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو ته آءِ جي سنڌ جَي معاملي تي آرمي چيف پهريان ئي ڪارروائي ڪري چڪو آهي. سنڌ سرڪار آءِ جِي سنڌ جَي مبينا اغوا ۽ ريٽائرد ڪيپٽن صفدر جِي گرفتاري بابت وزارتي ڪميٽي جي جاچ رپورٽ پڌري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. رپورٽ ۾ مزار قائد جِي بيحرمتي تان ڪيل ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو ويو ته وفاقي سرڪار کي ذميوارن وفاقي وزيرن ۽ ايم پي ايز خلاف ڪارروائي لاءِ اپيل ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔