سنڌ ۾ ڪاروباري برادري کي ڇو پيو تنگ ڪيو وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پاران چيف سيڪريٽري سنڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب 6 مهينن ۾ 664 پراجيڪٽس جِي منظوري ڏني ۽ سنڌ ساڳي عرصي ۾ رڳو 19 پراجيڪٽس منظور ڪيا. ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ حڪومت پاران اڍائي سئو پراجيڪٽس جِي منظوري نه ملڻ جو ڪارڻ بلڊرز طرفان رشوت نه ڏيڻ آهي، بلڊرز ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن ته هزار گز ڪمرشل بلڊنگ تي سوا ڪروڙ رپين تائين رشوت گهري پئي وڃي، ذريعن موجب وزيراعظم چيف سيڪٽريٽري سنڌ کي چيو ته هاڻي ٻه پاڪستان نه ٿا هلي سگهن، سنڌ ۾ ڪاروباري برادري کي ڇو پيو تنگ ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔