متحده پاران ڇهين آدم شماري جي جاچ لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو

ڪراچي: متحده ڇهين آدم شماري جي جاچ لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ڇهين آدم شماري ۾ ڪراچي جي آبادي کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جا اتحادي آهيون پر آدمشماري جي مامري تي پنهنجي موقف تي آهيون، حڪومت کي ڪيرائڻ نه ڏينداسين، متحده پنهنجي واعدي تي قائم آهي، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ڇهين آدم شماري جي جاچ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔