حڪمران پارٽي جي اڪثريت اپوزيشن جي تجويز ڪيل نيب ترميمن جي خلاف آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪمران پارٽي جي اڪثريت اپوزيشن جي تجويز ڪيل نيب ترميمن جي خلاف آهي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي رانا ثناءُالله جي نيب قانون ۾ ترميم جي حوالي سان الزامن جي جواب ۾ چيو ته هڪ معزز ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪري ته ان جي باري ۾ مان ڇا ٿو چئي سگهان هي صرف هڪ سياسي ڊائيلاگ بازي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته حڪمران پارٽي جي اڪثريت اپوزيشن طرفان تجويز ڪيل نيب ترميمن جي خلاف آهي. اپوزيشن جي جلسن  جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته ڪورونا جي ٻئين لهر شدت سان جاري آهي. ان لاءِ اسان چيو ته اپوزيشن کي جلسا جلوس نه ڪرڻ گهرجن پر هنن اسان جي  ڪابه ڳالهه نه مڃي ته اسان خاموش ٿي وياسين هاڻ اسان اهو سمجهون ٿا ته اپوزيشن کي پنهنجي فيصلي تي نظر  ثاني ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔