سفارشي ڪلچرهرشيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، بهتري آڻڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سفارشي ڪلچر هر شيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر امن الله وفاقي گادي واري شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن ۽ ڪچهري جي مسئلن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  عدالتي حڪم تي وزيراعظم جو  احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر پيش ٿيو. چيف جسٽس اطهر من الله شهزاد اڪبر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪچهري وڃي اتان جا مسئلا ڏٺا آهن؟ ڪچهري ۾ جيڪي مسئلا آهن اهي يقين نه ڪرڻ جوڳا آهن.

اوهان احتساب جا به صلاحڪار آهيو. وزيراعظم کي چئو  ته هڪڙو ڏينهن اچي احتساب عدالتن جو حال ڏسي، احتساب عدالت جي ججن وٽ ويهڻ جي جڳهه به ناهي. ججن وٽ عملو به پورو ناهي، احتساب عدالت جا جج ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن ڪم جو ايترو وزن آهي  ته ججن کي سهولتون به ڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهزاد اڪبر کي حڪم ڏنو ته اهو شرم جوڳو عمل آهي ته عدالتون ڀاڙي جي دڪانن ۾ ٺهيل آهن. ان دڪانن جو ڀاڙو به ناهي ڏنو ويو  جنهن سبب دڪانن جا مالڪ عدالتن ۾  پهچي ويا آهن اهو معاملو وزيراعظم جي سامهون رکي عدالت کي رپورٽ ڏيو.

عدالتن جو انگ ڀلي نه وڌايو پر انهن کي اسٽاف ڏيو، هاءِ ڪورٽ جي نئين عمارت ۾ بار روم ئي ناهي اهي معاملا به ڏسو. جسٽس اطهر من الله چيو ته سفارشي ڪلچر هر شيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سمورو سسٽم ڪرپٽ ٿي چڪو آهي. بهتري آڻڻ  لاءِ هڪ مضبوط سياسي ارادن جي ضرورت آهي.

ٻڌڻي دوران عدالت جي ڪمري ۾ هڪ وڪيل طرفان ماسڪ لاهڻ تي دلچسپ صورتحال ٿي وئي. چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته هتي وزيراعظم جو صلاحڪار بيٺل آهي، اوهان ماسڪ پايو هو  اوهان مٿان ڏنڊ به هڻي سگهي ٿو. جنهن تي شهزاد اڪبر چيو ته مان ماسڪ لاهڻ تي هاڻ صرف ڏنڊ جو مشورو ڏئي سگهان ٿو. ڏنڊ لاڳو نٿو ڪري سگهان. اوهان جي عدالت فيصلو ڏئي چڪي آهي ته صلاحڪار وٽ ايگزيڪٽو اختيار ئي ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔