سيڪيورٽي فورسز جي آواران ۾ آپريشن دوران پاڪ فوج جو جوان شهيد

ڪوئيٽا: سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي آواران ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب سلڪ ڪور جي علائقي ۾ دهشتگردن جي ڳجهي ٺڪاڻي تي ڪارروائي ڪئي وئي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ هڪ کي گرفتار ڪيو ويو جوابدارن جي ڳجهي ٺڪاڻي  تان هٿيار، بارودي مواد ۽ مواصلاتي اوزار هٿ ڪيا ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران  حوالدار شعيب شهيد ٿي ويو.

واضح رهي ته اڱاري تي به سيڪيورٽي فورسز آواران ۾ ڳجهي ٺڪاڻي تي آپريشن ڪيو هو جنهن تي اتي موجود دهشتگردن فرار ٿيڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز تي سخت فائرنگ ڪئي جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔