آصف زرداري سينيٽ چونڊن کان اڳ استعيفيٰ نه ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آصف زرداري سينيٽ چونڊن کان اڳ استعيفيٰ نه ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي جنهن کان پوءِ پي ڊي ايم ڇڙوڇڙ ٿي ويندي.

لاهور ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اقليتن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ پاڪستان مڪمل ناهي ٿيندو. تحريڪ انصاف جي حڪومت اقليتن کي هڪ جهڙا حق ڏيڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي.

هن چيو ته لاڪ ڊائون جي مشڪل صورتحال جي باوجود اسان معيشت ۾ بهتر حدف حاصل ڪيا آهن پر  ان باوجود مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ کان سواءِ ڪامياب نٿا ٿي سگهون. اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي  صورتحال دوران اپوزيشن جي حالت ڏسڻ وٽان آهي. 

اپوزيشن کي دعوت ڏينداسين ته اسان سان ملي ڪرپشن جي خاتمي جو ڪيڪ ڪاٽي. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم صرف ٺلهيون ڳالهيون ڪري رهي آهي.

سندن ڪوبه منطق ناهي. سينيٽ جي چونڊن تي  سياست چمڪائي پئي وڃي. مريم نواز کي تنقيد جو نشانو بنائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته (ن) ليگ مان  مريم نواز مائنس ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔