شڪي ٽرانزيڪشن، آصف زرداري جي عبوري ضمانت ۾ 12 جنوري تائين واڌ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، شڪي بينڪ ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي عبوري ضمانت ۾ 12 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق نيب پراسيڪيوٽر کان سوال ڪيو ته 6 مهينن دوران آصف زرداري کي ڪيترا ڀيرا طلب ڪيو ويو؟، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب آصف زرداري کي طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته نيب جي طلبي تي آصف زرداري کي پيش ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔