لانگ مارچ به ٿيندو، استعيفائون به اينديون :راڻا ثناءُ الله

لاهور: مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لانگ مارچ به ٿيندو، استعيفائون به اينديون، استعيفائن جو آپشن آخري آهي،هي سمجهن ٿا پهريون آپشن آهي. جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته بيورو ڪريسي ياد رکي ته کوکر گهراڻي جي زباني حڪمن جي ذميواري ڪو ناهي وٺندو، ياد رکو، سڀاڻي اوهان کي ڪيس ۽ پيش ڀوڳڻيون پونديون. هن چيو ته شريف ڪٽنب جي عورتن کي اشتهاري قرار ڌنو پيو وڃي، هميشه چادر چئوديواري جي تقدس جو خيال رکيو، استعيفائن جو آپشن صحيح وقت تي استعمال ٿيو ته ننڍي چونڊ جي ضرورت نه پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔