عمران خان بنا اجازت جي وائلڊ لائف واري هنڌ گهر ٺاهيو: جاويد هاشمي

ملتان: سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته وائلڊ لائف واري هنڌ تي عمران خان پنهنجو گهر ٺاهيو آهي. ملتان ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد هاشمي چيو ته عمران خان بنا اجازت جي بني گالا جو گهر ٺاهيو، نيشنل پارڪ پاڪستان جو سڀ کان وڏو پارڪ آهي، وزيراعظم عمران خان وائلڊ لائف پارڪ واري هنڌ گهر ٺاهيو. جاويد هاشمي چيو ته شوڪت خانم ميموريل اسپتال مان ملندڙ خيرات جي رقم سان گهر ٺاهيو آهي، عمران خان پنهنجي اثاثن ۾ 7 ماڙ هوٽل حيات ريجنسي جو ذڪر ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔