سعيد غني پنهنجي پارٽي فيصلن کي چيلينج پيو ڪري: ذلفي بخاري

اسلام آباد: وزيراعظم جَي خاص معاون ذلفي بخاري چيو آهي ته پ پ پنهنجي حڪومتي دور ۾ 2011 دوران اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ کي موجوده فهرست مان ڪڍي بين الصوبائي ( آءِ پي سي ) ڊويزن جي ماتحت ڪيو، جيڪي وفاقي حڪومت جي اختيارن واري دائري ۾ اچن ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ذلفي بخاري چيو ته هاڻي ڏيڍ سال کانپوءِ سعيد غني کي هوش آيو، هاڻي پنهنجي پارٽي جي فيصلي کي چيلينج ڪري رهيو آهي،جيڪڏهن اوهان کي يقين آهي ته ان کي منتقل ڪر يزبردست کاتو بڻائي سگهجي ٿو ته اوهان کي پنهنجي حڪومت دوران هوش ڇو نه آيو، ن ليگ جي حڪومت وقت اهو معاملو ڇو نه اٿاريو، جن ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو. خاص معاون چيو ته سعيد غني کي ايتري ڳڻتي آهي ته اهو مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي وڃي، پيپلزپارٽي ان کي صوبن کي منتقل ڪرڻ بدران آءِ پي سي جي ماتحت ڪيو هو، هي معملو سينيٽ ۾ وڃي چڪو آهي، پ پ کي تبديلي ڪرڻي آهي ته سينيٽ ۾ معاملو اٿاريو. خاص معاون چيو ته سنڌ بورڊ آف روينيو گهڻي ٽيڪس اوڳاڙي آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، رقم مان فرق نٿو پوي، اصل معاملو اهو آهي ڪيترن صنعتن کان ٽيڪس اوڳاڙي ڪئي وئي، سنڌ جا صنعتڪار حڪومت خلاف عدالتن ۾ آهن، انهن کي سنڌ حڪومت تي ڀروسو ناهي. هن چيو ته ورڪر ويلفيئر فنڊ جي منتقلي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو فيصلو آهي، وڏي وزير اتفاق ڪيو پر ڏيڍ سال کانپوءِ کيس مخالفت جو خيال آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔