ايس ايڇ او جي گرفتاري، گلگت جو اي ٽي سي جج عهدي تان فارغ

گلگت: گلگت بلتستان جي سپريم اپيليٽ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمود الحسن کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.محمود الحسن خلاف بسين ٿاڻي جي ايس ايڇ او درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو چيف جسٽس ارشد حسين شاهه ۽ جسٽس وزير شڪيل تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ ٻڌايو.ڪورٽ ترجمان موجب جسٽس محمود الحسن کي چيف ڪورٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ايس ايڇ او کي بنا جواز گرفتار ڪرايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔