فضل الرحمان تي الزام، مولانا شجاع پاران شيراني جي حمايت

مردان: مردان مان جي يو آءِ ف جي اڳواڻ مولانا شجاع الملڪ، مولانا فضل الرحمان بابت مولانا شيراني جي بيان جي حمايت ڪري ڇڏي. مولانا شجاع ملڪ چيو ته پارٽي جي ادني ڪارڪنن کي صورتحال جي ڄاڻ آهي، پارٽي جي تنظيم سازي ۾ ڌانڌلي ٿي، مان ان عمل مان گذريو آهيان. هن چيو ته سليڪٽڊ ۽ خيانت جا لفظ مولانا شيراني استعمال ڪيا، سليڪٽڊ اهو هوندو آهي، جيڪو ڌانڌلي سان اچي، تنظيم کي ڊيزائن ڪيو ويو، جمهوري طريقي سان چونڊن جي ڳالهه ٺيڪ نه آهي، حافظ حسين پارٽي جو پراڻو ڪارڪن آهي، کيس ٻڌڻ گهرجي، آواز اٿارڻ وارن کي فارغ نه ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔