لاهورهاءِ ڪورٽ، چوڌري ڀائرن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ 4 هفتن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ، چوڌري ڀائرن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ 4 هفتن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي پراڻيون انڪوائريز کولڻ تي نيب چيئرمين جا اختيار چيلينج ڪيا، ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب لاهور ٻڌايو ته چوڌري ڀائرن خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ڪيس بند ٿي چڪو آهي، هاڻ رڳو آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو معاملو التوا هيٺ آهي، عدالت نيب کي 4 هفتن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔