نيب قانون کي تبديل نه ڪرڻ حڪومت ۽ پارليامينٽ جي غلطي آهي: سليم مانڊوي والا

پشاور: ڊپٽي سينيٽ چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته سمورا ڪم نيب کي ئي ڪرڻا آهن ته ٻيا ادارا بند ڪري ڇڏيون.

نيب قانون تبديل نه ڪرڻ پارليامينٽ ۽ حڪومت جي غلطي آهي. ڊپٽي سينيٽ چيئرمين سليم مانڊوي والا صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته واپارين جو پارليامينٽ ۾ هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي. ماڻهو سمجهندا آهن ته واپاري صرف منافعو ڪمائيندا آهن.

اسلام آباد چيمبر وارن فون ڪيو ته نيب وارا اسان مٿان ٽارچر ڪري رهيا آهن. وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي خط لکيو.  ڪالهه نيب چيئرمين واپاري اڳواڻن سان ملڻ ويو.

هن چيو ته انڊر انوائسز ڪيسز ايف بي آر کي موڪليا.  سمورا ڪم جيڪڏهن نيب کي ئي ڪرڻا آهن ته  ٻين ادارن کي بند ڪري ڇڏيون.

هن چيو ته جيترا به ماڻهو نيب مان متاثر آهن اهي سرحد چيمبر اچن، سرحد چيمبر وارا سينيٽ ۾ ان معاملن کي آڻين، واپاري ڪميونٽي ۽ پرائيويٽ شهرين کي نيب کان نه ڊڄڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔