ايف پي ايس سي ايترو فالتو ادارو آهي جو چوڪيدار کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لڳايو ويو؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: ڇا ايف پي ايس سي ايترو فالتو ادارو آهي جو چوڪيدار کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لڳايو ويو؟، ڇا سي ايس ايس جا امتحان به چوڪيدار وٺندا آهن؟: سپريم ڪورٽ ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ملازمن جي پروموشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جا ريمارڪس، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پروموٽ ٿيڻ لاءِ رڳو لکڻو پڙهڻو ڪافي آهي؟، چيف جسٽس چيو ته رپورٽ ته اِها به چوي ٿي ته پروموشن لاءِ ٽيسٽ پاس ڪيو، ڀلي ايجوڪيشن زيرو هجي، سروسز ٽربيونل جي فيصلي ۾ خاميون آهن، درستگي ضروري آهي، سپريم ڪورٽ رولز جي درستگي لاءِ ڪيس سروسز ٽربيونل ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔