سپريم ڪورٽ، بحريا ٽائون جي 460ارب رپين جي ادائگي لاءِ ٽن سالن جي مهلت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ، بحريا ٽائون جي 460ارب رپين جي ادائگي لاءِ ٽن سالن جي مهلت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي درخواست تي مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، بحريا ٽائون جي وڪيل ٻڌايو ته ڪورونا سبب دنيا ۾ ڪاروبار ختم ٿي چڪا آهن، اڪنامڪ رپورٽ موجب لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن، عدالت وڪيل کان سوال ڪيو ته اوهان ٻيا ڪاروبار ڇڏيو، اهو ٻڌايو ته بحريا ٽائون کي ڪهڙو نقصان پهتو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪراچي پروجيڪٽ ته بحريا اڳ ئي وڪرو ڪري چڪو آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته سپريم ڪورٽ ڪا بئنڪ ته ناهي جو ڳالهيون ڪري رعايت وٺو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔