صدر جنسي زيادتي واقعن جي روڪٿام لاءِ آرڊيننس 2020 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: صدر عارف علوي جنسي زيادتي جي واقعن جي روڪٿام ۽ متاثرن کي تڪڙي انصاف لاءِ آرڊيننس 2020 جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ متاثرن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو، ايوان صدر جي پڌرائي موجب آرڊيننس سان عورتن ۽ ٻارڙن خلاف جنسي زيادتي جا معاملا جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي. صدر عارف علوي جنسي زيادتي جي واقعن جي روڪٿام ۽ متاثرن کي تڪڙو انصاف جي فراهمي لاءِ آرڊيننس 2020 جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل آرڊيننس موجب جوابدارن خلاف تڪڙي ٽرائل لاءِ ملڪ اندر اسپيشل عدالتون قائم ڪيون وينديون، جن سان عورتن ۽ ٻارڙن خلاف جنسي زيادتي جا معاملا جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي موجب خاص عدالتون چئن مهينن اندر جنسي زيادتي جي ڪيسز کي اڪلائينديون. صدارتي آرڊيننس تحت جنسي واقعن جي خاتمي لاءِ وزيراعظم ڪرائسز سيل قائم ڪيا ويندا، جيڪي 6 ڪلاڪن اندر ميڊيڪو ليگل معائنو ڪرائڻ جا پابند هوندا. ايوان صدر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نادرا جي مدد سان قومي سطح تي جنسي زيادتي جي جوابدارن جو رجسٽر تيار ڪيو ويندو. ايوان صدر موجب آرڊيننس تحت جنسي زيادتي جي متاثرن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ تي پابندي هوندي، جنهن جي ڀڃڪڙي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔